Joshua 7:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري سڀاڻي صبح جو اوهين پنهنجي فرقن موجب اچجو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن فرقي کي خداوند پڪڙيندو سو پنهنجن قبيلن موجب ايندو؛ ۽ جنهن قبيلي کي خداوند پڪڙيندو سو پنهنجن گهراڻن موجب ايندو؛ ۽ جنهن گهراڻي کي خداوند پڪڙيندو سو ماڻهو ماڻهو ٿي ايندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو سڀاڻي صبح جو هو پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب اچي حاضر ٿين. جنهن قبيلي کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان سو پنهنجي پنهنجي گھراڻي موجب اڳتي وڌي اچي. جنهن گھراڻي کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان، سو پنهنجي پنهنجي ڪٽنب موجب اڳتي وڌي اچي ۽ جنهن ڪٽنب کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان، سو هڪ هڪ ڄڻو ٿي اڳتي وڌي اچي.