Joshua 7:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يشوع، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين، زارح جي پٽ عڪن کي پڪڙيو، ۽ اُها چاندي، ۽ پوشاڪ، ۽ سوني ڇپر، ۽ سندس پٽ، ۽ سندس ڌيون، ۽ سندس ڏاند، ۽ سندس گڏهہ، ۽ سندس رڍون، ۽ سندس تنبو، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو، سو هٿ ڪيائون: ۽ انهن کي عڪور جي واديءَ ۾ آندائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن زارح جي گھراڻي واري عڪن کي کڻي سوگھو ڪيو ۽ اها چاندي، پوشاڪ، سوني سر، عڪن جا پٽ، ڌيئر، ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون، سندس تنبو ۽ ٻيو جيڪي بہ وٽس هو سو هٿ ڪيو ۽ انهن کي هڪ ماٿريءَ ۾ آندائون.