Joshua 8:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن عئي جي بادشاهہ اهو ڏٺو، تڏهن هو تڪڙا ٿي سوير اُٿيا، ۽ شهر جا ماڻهو، يعني بادشاهہ ۽ سندس قوم، اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ٺهرايل وقت تي، ميدان جي اڳيان مٿن ڪاهي ويا؛ پر هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان لڪا ويٺا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عئيءَ جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تڏهن هو پاڻ ۽ سندس شهر جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿي تڙ‌تڪڙ ۾ تياري ڪري اردن ماٿريءَ جي سامهون بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. پر کين اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان بہ لڪا ويٺا آهن.