Joshua 9:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن ٻانهن کي پڪيءَ طرح خبر پيئي هئي، تہ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تہ آءٌ توکي هي سارو ملڪ ڏيندس، ۽ انهيءَ ملڪ جا سڀ رهاڪو تنهنجي اڳيان ناس ڪري ڇڏيندس؛ تنهنڪري اسان کي پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ انهي ڪري اسان هيئن ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو.