Jude 1:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ سڀني جو انصاف ڪري ۽ سڀني بي دينن کي، سندن انهن سڀني بي دينيءَ جي ڪمن لاءِ، جي هنن بي دينيءَ سان ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ، جي بي دين گنهگارن سندس برخلاف ڪيون آهن، ڏوهاري ٺهرائي.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو انهيءَ لاءِ ايندو تہ جيئن سڀني ماڻهن جي عدالت ڪري ۽ انهن سڀني کي پاپي قرار ڏئي، جن بي‌ڌرميءَ جو طريقو اختيار ڪري بي‌ڌرميءَ وارا ڪم ڪيا آهن. هو انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ بہ هنن بي‌ڌرمي پاپين کي ڏوهاري قرار ڏيندو، جيڪي سندس برخلاف ڪيون اٿائون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو انهيءَ لاءِ ايندو تہ جيئن سڀني ماڻهن جي عدالت ڪري ۽ انهن سڀني کي گنهگار قرار ڏئي، جن بي‌دينيءَ جو طريقو اختيار ڪري بي‌دينيءَ وارا ڪم ڪيا آهن. هو انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ بہ هنن بي‌دين گنهگارن کي ڏوهاري قرار ڏيندو، جيڪي سندس برخلاف ڪيون اٿائون.“