Jude 1:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اي پيارو، پنهنجي نهايت پاڪ ايمان ۾ قائم ٿي پاڪ روح ۾ دعا گهُرو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اي عزيزو! اوھين پنھنجي نھايت ئي پاڪ ايمان ۾ مضبوط ٿيندا رھو ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندا رھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اي پريميؤ! جيئن اوهين امر جيون ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ديا جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پوِتر وشواس ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پوِتر آتما جي مدد سان پرارٿنا ڪندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي ايشور جي پيار ۾ قائم رکو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اي عزيزؤ! جيئن اوهين دائمي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پاڪ ايمان ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو.