Jude 1:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اُنهي واحد خدا، اسان جي نجات ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي، جلال ۽ عظمت ۽ بادشاهي ۽ قدرت، ازل کان ۽ هاڻي ۽ هميشہ تائين هجي. آمين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ واحد خدا، اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي جلال ۽ عظمت، قدرت ۽ اختيار سونھي، جيئن ازل کان ھو، ھاڻي آھي ۽ ھميشہ تائين ھوندو. آمين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي مڪتي ڏئي ٿو، تنهن اڪيلي ايشور کي مهانتا، شڪتي، اختيار ۽ مهما سونهي، جيئن شروعات کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، تنهن واحد خدا کي عظمت، قدرت، اختيار ۽ واکاڻ سونهي، جيئن ازل کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.