Jude 1:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوتپرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوتپرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيدين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوتپرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند ، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.