Jude 1:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جن ملائڪن پنهنجو درجو قائم نہ رکيو، پر پنهنجي خاص جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي هن هميشہ جي قيد ۾ عظيم ڏينهن واري عدالت تائين اوندهہ منجهہ رکيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙيءَ طرح جن دوتن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي ايشور ابناسي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ مهان ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙيءَ طرح جن ملائڪن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ عظيم ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.