Jude 1:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن بہ ساڳيءَ طرح اهي ماڻهو بہ پنهنجن اجاين خيالن ۾ پئجي جسم کي ناپاڪ ٿا ڪن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ جلال وارن کي بي عزت ٿا ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
بلڪل ساڳئي نموني اھي ماڻھو بہ پنھنجن خوابن خيالن ۾ محو ٿي پنھنجن جسمن کي ناپاڪ ٿا ڪن، اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ عظيم آسماني ھستين جي بي⁠حرمتي ٿا ڪن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ طرح هي بي‌ڌرمي ماڻهو بہ پنهنجن خوابن جي پٺيان لڳي بدڪاريءَ وارو جيون ٿا گذارين، پرڀوءَ جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن ۽ آڪاشي هستين جو اپمان ٿا ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ طرح هي بي‌دين ماڻهو بہ پنهنجن خوابن جي پٺيان لڳي بدڪاريءَ واري زندگي ٿا گذارين، خداوند جي اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ آسماني هستين جي بي‌حرمتي ٿا ڪن.