Jude 1:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙي همت تہ دوتن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو شيطان تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن شيطان کي رڳو ايترو چيو تہ ”پرميشور تو تي ڦٽڪار ڪري.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙي جرئت تہ ملائڪن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو ابليس تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن ابليس کي رڳو ايترو چيو تہ ” خداوند تو تي ملامت ڪري.“