Judges 11:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن بني عمون جي بادشاهہ افتاح جي ايلچين کي چيو تہ جڏهن اسرائيلي مصر مان نڪري، ارنون کان يبوق ۽ يردن تائين آيا، تڏهن انهن منهنجي زمين کسي ورتي هئي، تنهنڪري آءٌ وڙهان ٿو: سو هينئر صلح صلاح ۾ اُهي زمينون مون کي موٽائي ڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي بني عمون جي بادشاهہ افتاح جي ايلچين کي جواب ڏنو تہ ”جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا هئا تڏهن انهن برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق ۽ اردن درياءَ تائين منهنجي زمين قبضي ڪئي هئي. سو هاڻ اها صلح سانت ۾ مون کي موٽائي ڏيو.“