Judges 11:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جلعاد جي زال بہ هن کي پٽ ڄڻي ڏنا؛ ۽ جڏهن سندس زال جا پٽ وڏا ٿيا، تڏهن هنن افتاح کي هڪالي ڪڍيو، ۽ چيائونس تہ توکي اسان جي پيءُ جي گهر ۾ ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇالاءِ جو تون ٻيءَ زال جو پٽ آهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جِلعاد کي پنهنجيءَ زال مان بہ پٽ هئا. جڏهن اهي وڏا ٿيا تڏهن هنن افتاح کي گھر مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. هنن کيس چيو تہ ”تو کي اسان جي پيءُ جي گھر مان ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ تون ٻيءَ عورت جو پٽ آهين.“