Judges 11:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جڏهن اسرائيلي حسبون ۽ ان جي شهرن ۾، عروعير ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ ارنون جي پاسي جيڪي شهر آهن، تن سڀني ۾ ٽن سؤ سالن تائين رهيا پيا هئا؛ تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اُهي اوهان هنن کان موٽائي نہ ورتا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن تہ بني اسرائيل حشبون، عروعير ۽ انهن جي آسپاس وارن ڳوٺن ۽ برساتي نهر ارنون جي ڪناري وارن سڀني شهرن ۾ ٽي سؤ سالن کان رهيا پيا آهن، تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اوهان انهن کان اهي موٽائي نہ ورتا آهن؟