Judges 11:35 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“