Judges 12:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ يردن جا لنگهہ وڃي جهليا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن افرائيم جي ڀڳلن مان ڪنهن اچي ٿي چيو تہ مون کي پار لنگهڻ ڏيو، تڏهن جلعاد جي ماڻهن هن کي ٿي چيو تہ تون افرائيمي آهين ڇا؟ جي هن ٿي چيو تہ نہ؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جِلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ اردن درياءَ جا گھٽ وڃي جھليا ۽ جڏهن ڪنهن افرائيمي ڀڳوڙي اچي ٿي چيو تہ ”مون کي پار ٽپڻ ڏيو،“ تڏهن جِلعاد جي ماڻهن کانئس پڇيو ٿي تہ ”تون افرائيمي آهين ڇا؟“ جيڪڏهن هن ٿي چيو تہ ”نہ،“