Judges 12:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ هنن ٿي چيس تہ تڏهن هاڻي چئُہ سبولت؛ ۽ هن چيو ٿي سبولت؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ لفظ جو اُچار برابر ڪري نٿي سگهيو؛ تنهن تي هو هنن کي جهلي يردن جي لنگهن تي قتل ڪندا هئا: انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن جِلعادين چيس ٿي تہ ”چڱو، ڀلا چئُہ ’شبلت.‘“ تنهن تي هن ٿي چيو تہ ”سبلت،“ ڇاڪاڻ تہ افرائيمي ماڻهو انهيءَ لفظ جو اچار صحيح طرح چئي نہ ٿي سگھيا. اهڙيءَ طرح جِلعادي افرائيمين کي پڪڙي اردن درياءَ جي گھٽن تي قتل ڪندا ٿي ويا. سو انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.