Judges 13:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ خداوند جي فرشتي منوحہ کي چيو تہ جيتوڻيڪ تون مون کي ترسائيندين تہ بہ آءٌ تنهنجي ماني ڪين کائيندس: ۽ جيڪڏهن تون ڪا سوختني قرباني تيار ڪندين، تہ اُها توکي خداوند جي لاءِ پيش ڪرڻ گهرجي. ڇالاءِ جو منوحہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ هو خداوند جو فرشتو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند جي ملائڪ منوحہ کي وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تون مون کي ترسائيندين بہ، تڏهن بہ آءٌ تنهنجو کاڌو ڪين کائيندس. پر جيڪڏهن تون اهو تيار ڪرڻ گھرين ٿو تہ پوءِ اهو خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪر.“ منوحہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ هو ڪو خداوند جو ملائڪ آهي.