Judges 14:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن سمسون جي زال هن جي اڳيان رنو، ۽ چوڻ لڳي تہ تون مون کي پيار نٿو ڪرين بلڪ ڌڪارين ٿو: تو منهنجي قوم جي ماڻهن کي ڪا پرولي ڏني آهي، پر اُها تو مون کي نہ ٻُڌائي آهي، ۽ هن چيس تہ مون اُها پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي بہ نہ ٻڌائي آهي سو اُها توکي ٻڌائيندس ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن سمسون جي زال پنهنجي مڙس وٽ روئندي ويئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”تون مون کان نفرت ٿو ڪرين، مون کي سچ پچ پيار نہ ٿو ڪرين. تو منهنجيءَ قوم جي ماڻهن کي ڪا ڳجھارت ڏني آهي، پر انهيءَ جو مطلب تو مون کي بہ نہ ٻڌايو آهي.“ هن وراڻيس تہ ”اها تہ مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي بہ ڪين ٻڌائي آهي، پوءِ آءٌ تو کي ڪيئن ٻڌائيندس؟“