Judges 14:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ ستين ڏينهن سج لٿي کان اڳي شهر جي ماڻهن هن کي چيو تہ ماکيءَ کان مٺي ٻي ڪا شيءِ آهي ڇا؟ ۽ شينهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو زوراور آهي ڇا؟ تڏهن هن انهن کي چيو تہ، جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ کيڙيو ها، تہ منهنجي پرولي سلي نہ سگهو ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ستين ڏينهن سج لهڻ کان اڳي شهر جي ماڻهن سمسون کي وڃي چيو تہ ”ماکيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي بہ مٺي شيءِ آهي ڇا؟ شينهن کان وڌيڪ زورآور ڪو ٻيو بہ آهي ڇا؟“ تنهن تي سمسون کين وراڻيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ ڪاهيو ها، تہ اوهين منهنجي ڳجھارت هرگز نہ ڀڃي سگھو ها.“