Judges 15:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي چر ڏانهن ويا، ۽ سمسون کي چيائون تہ توکي اها خبر ڪانهي ڇا تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هن انهن کي چيو تہ جيئن هنن مون سان ڪيو، تيئن وري مون بہ ساڻن ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي غار ڏانهن ويا ۽ سمسون کي وڃي چيائون تہ ”ڇا تو کي اهو خيال ڪونہ ٿو ٿئي تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟“ هن کين جواب ڏنو تہ ”مون هنن سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪي هنن مون سان ڪيو.“