Judges 16:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ هيستائين تو مون سان چرچا پئي ڪيا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهايا آهن. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو؟ ۽ هن چيس تہ جي تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون تاڃيءَ سان اُڻي ڇڏيندينءَ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ دليلہ کيس چيو تہ ”تون اڃا تائين مون کي بيوقوف پيو بڻائين ۽ ڪوڙ ٿو ڳالهائين. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان تو کي ٻڌي سگھجي ٿو؟“ سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏيندينءَ تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“