Judges 16:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن اُهي هڪڙي ڪليءَ سان ٻڌي ڇڏيون، ۽ پوءِ چيائينس تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ اُها ڪلي ڪاٺ مان تاڃيءَ سميت پٽي ڪڍيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جڏهن سمسون ننڊ پيو هو تڏهن دليلہ هن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏي. پوءِ دليلہ کيس سڏي چيو تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳي پيو ۽ ڪليءَ ۽ ڪاٺ سان گڏ آڏاڻو ئي پٽي ڪڍيائين.