Judges 16:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن ماڻهن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪرڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جو اسان جي ملڪ جو ناس ڪندڙ هو؛ ۽ جنهن اسان منجهان گهڻن کي ماريو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هنن جون دليون خوشيءَ سان ڀرجي ويون تڏهن چيائون تہ ”سمسون کي وٺي اچو تہ ساڻس مسخريون ڪري پاڻ کي وندرايون.“ جڏهن سمسون کي قيدخاني مان وٺي آيا تڏهن کيس ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي بيهاريائونس ۽ ساڻس مسخريون ڪري پاڻ کي وندرايائون. جڏهن ماڻهن سمسون کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪري چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ اسان جي ديوتا اهو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جنهن اسان جي ملڪ کي تباهہ ڪيو هو، ۽ پڻ گھڻن ماڻهن کي ماريو هئائين.“