Judges 16:30 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سمسون چيو تہ مون کي فلستين سان گڏ مرڻ قبول آهي. پوءِ پنهنجو زور ڏئي ڪنڌ جهڪايائين؛ تہ گهر انهن سردارن، ۽ ٻين سڀني ماڻهن تي ڪري پيو جي انهي ۾ هئا. انهيءَ طرح پنهنجي مرڻ مهل جيترا ماڻهو ماريائين، سي انهن کان وڌيڪ هئا جي پنهنجي جيئري ماريا هئائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ سمسون چيو تہ ” فلستين سان گڏ ڀلي تہ آءٌ بہ مري وڃان.“ ان بعد پنهنجي سموري طاقت سان انهن کي ڌڪو ڏنائين تہ پوڄا گھر انهن سردارن ۽ ٻين سڀني ماڻهن تي ڪري پيو جيڪي انهيءَ ۾ هئا. اهڙيءَ طرح سمسون پنهنجي مرڻ مهل جيترا ماڻهو ماريا سي انهن کان وڌيڪ هئا جيڪي پنهنجي جيئري ماريا هئائين.