Judges 16:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي هن اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا، ۽ هن انهي کي چيو تہ اي سمسون، فلستي توتي آيا آهن. ۽ هن اُهي ٽاريون ائين ڇني ڇڏيون جيئن سڻيءَ جو ڌاڳو باهہ لڳڻ ڪري ڇڄي پوندو آهي. انهيءَ طرح هن جو زور معلوم ٿي نہ سگهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ عورت اندرين ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا. پوءِ هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ تڏهن سمسون اُهي پٽا ائين ڇڃي ڇڏيا جيئن ڪو ڌاڳو باهہ لڳڻ سان ٽٽي پوندو آهي. سو هن دفعي هن جي طاقت جو راز معلوم ٿي نہ سگھيو.