Judges 18:17 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪي پنج ماڻهو زمين جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، سي اُتي ويا، ۽ اُها اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم، ۽ پلٽيل بت هٿ ڪيائون: ۽ ڪاهن انهن ڇهن سوَن جنگ جي هٿيار ٻڌل ماڻهن سان دروازي جي لنگهہ وٽ بيهي رهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ وارا اهي پنج ماڻهو گھر ۾ اندر ويا ۽ اهو اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون، جڏهن تہ ڪاهن انهن ڇهہ سؤ ماڻهن وٽ بيٺو هو، جيڪي جنگ جا هٿيار ٻڌيو گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ بيٺا هئا.