Judges 18:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ بني دان پنهنجي سڄي قبيلي مان پنج همت وارا ماڻهو، صرعہ ۽ استال مان، جاسوس ڪري موڪليا تہ زمين ڳولي ڏسي اچن، ۽ انهن کي چيائون تہ وڃي زمين ڳوليو، ۽ هو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آيا، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ اچي ٽڪيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو بني دان صرعہ ۽ استال شهرن مان پنهنجي قبيلي جا پنج بهادر ماڻهو جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليا تہ وڃي ملڪ ۾ نظر ڊوڙائي ڪو چڱو علائقو جاچي اچن. سو انهن کي چيو ويو تہ ”وڃي ملڪ ۾ ڪو چڱو علائقو جاچي اچو.“ تڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيا ۽ ميڪاہ جي گھر ۾ رات رهيا.