Judges 18:27 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هو جيڪي ميڪاہ جوڙيو هو سو، ۽ جيڪو ڪاهن وٽس هو سو، وٺي ليس ۾ انهن ماڻهن تي اچي پيا، جي آرام ۽ امن ۾ ويٺا هئا؛ ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماريائون، ۽ انهن جو شهر باهہ سان ساڙي ڇڏيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ بني دان ميڪاہ جي ٺاهيل شين ۽ سندس ڪاهن سميت بيت‌رحوب واري ماٿريءَ جي شهر ليس ۾ بي‌خوف وَ خطر ۽ امن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مٿان اچي ڪڙڪيا. انهن کي تلوار جي ڌار سان ماريائون ۽ پوءِ سندن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ صيدا کان سندن شهر ليس پري هو ۽ انهن ماڻهن جو ڪنهن ٻئي سان بہ ڪو واسطو ئي ڪونہ هو. بني دان اهو شهر وري ٻڌو ۽ منجھس رهڻ لڳا.