Judges 19:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جڏهن هو يبوس جي ڀرسان ويا تڏهن ڏينهن گهڻو گذري ويو هو: ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اسين هلي رات يبوسين جي هن شهر ۾ ٽڪون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هو يبوس يعني يروشلم کي ويجھو اچي پهتا تہ سج لهڻ تي هو. سو سندس نوڪر جيڪو ساڻس گڏ هو، تنهن کيس چيو تہ ”ڇو نہ اسين لڙي هلي رات يبوسين جي هن شهر ۾ رهون؟“