Judges 19:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هن چيس تہ اسين بيت لحم يهوداہ کان لنگهي افرائيم جي ڪوهستان جي پرئين پاسي ٿا وڃون: آءٌ اچان بہ اُتان ٿو، ۽ بيت لحم يهوداہ ڏانهن ويو هوس: ۽ آءٌ هاڻي خداوند جي گهر ڏانهن ٿو وڃان؛ ۽ اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جو مون کي پنهنجي گهر ۾ وٺي هلي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ بني لاويءَ وراڻيس تہ ”اسين يهوداہ واري بيتلحم کان آيا آهيون ۽ افرائيم جي جابلو علائقي جي پرانهين هنڌ ڏانهن پنهنجي گھر پيا وڃون. هتي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو اسان کي پاڻ وٽ رهائي.