Judges 19:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان پوءِ جڏهن هو ارام سان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو شهر جا ڪي بدڪار ماڻهو ان گھر کي وڪوڙي ويا. هنن در تي سٽڪا لائي ڏنا ۽ گھر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ ”ڪو ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيو آهي تنهن کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين ساڻس برو فعل ڪريون.“