Judges 19:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هن جو مڙس کيس پرچائي واپس وٺي اچڻ لاءِ هن جي پٺيان ويو. هن پاڻ سان پنهنجو نوڪر ۽ ٻہ گڏهہ بہ ڪاهيا. هو اتي پهتو تہ اها عورت کيس پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وٺي ويئي. جڏهن انهيءَ عورت جي پيءُ کيس ڏٺو تڏهن خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪيائين.