Judges 19:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن اُهو ماڻهو ۽ سندس سريت ۽ سندس نوڪر اُٿي هلڻ لڳا، تڏهن هن جي سهري، يعني ڇوڪريءَ جي پيءُ، هن کي چيو تہ ڏس، هاڻي ڏينهن لهندو وڃي، تون هتي رات ٽڪي پئُہ تہ تنهنجي دل خوش ٿئي، ڇالاءِ جو ڏس تہ ڏينهن لهڻ تي آهي؛ ۽ سڀاڻي سوير اُٿي پنڌ پئجانءِ تہ پنهنجي گهر وڃين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شام جو جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي سريت ۽ پنهنجي نوڪر سان گڏ وڃڻ لاءِ اٿيو تڏهن سندس سهري چيس تہ ”ڏس، هاڻي سج لهڻ تي آهي، سو رات هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ. سڀاڻي سوير اُٿي ڀلي پنهنجي گھر هليو وڃجانءِ.“