Judges 2:17 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ هوندي بہ هنن پنهنجي قاضين کي نہ مڃيو، ڇالاءِ جو هو ٻين معبودن جي پيروي ڪري زنا ڪندا رهيا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا رهيا: جنهن رستي تي هنن جا ابا ڏاڏا خداوند جا حڪم مڃي هلندا هئا، تنهن کان سگهو ئي ڦري ٻئي پاسي ويا: ۽ انهن وانگر نہ هليا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر بني اسرائيل پنهنجن رهبرن ڏانهن بہ ڌيان ڪونہ ڏنو. هو خداوند سان بي‌وفائي ڪري غير معبودن جي پٺيان لڳي کين پوڄڻ لڳا. جنهن رستي تي انهن جا ابا ڏاڏا خداوند جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندي هلندا هئا، تنهن کان هو جلدي ڦري ويا ۽ انهن وانگر نہ هليا.