Judges 2:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُهي ماڻهو يشوع جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، ۽ يشوع کان پوءِ بہ جيڪي بزرگ جيئرا رهيا، تن جي ڏينهن ۾ خداوند جي عبادت ڪندا آيا، ۽ اُهي وڏا ڪم جيڪي هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا سي ڄاڻندا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بني اسرائيل يشوع جي پوري حياتيءَ ۾ ۽ کانئس پوءِ وارن انهن اڳواڻن جي حياتيءَ ۾ بہ خداوند جي عبادت ڪندا آيا، جن اهي وڏا ڪم ڏٺا هئا جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ ڪيا.