Judges 20:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اسين اسرائيل جي سڀني فرقن مان، هر ڪنهن سؤ مان ڏهہ ماڻهو وٺنداسين، ۽ هر ڪنهن هزار مان هڪ سؤ، ۽ ڏهن هزارن مان هڪ هزار وٺنداسين، تہ قوم لاءِ کاڌو آڻين، ۽ جڏهن بنيمين واري جبعہ ۾ اچن تڏهن جيڪو احمق پڻو هنن اسرائيل ۾ ڪيو آهي، انهيءَ موجب هنن سان ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اسين بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان هڪ سؤ مان ڏهہ مرد، هڪ هزار مان هڪ سؤ ۽ ڏهن هزارن مان هڪ هزار مرد ڌار ڪنداسين تہ جيئن اهي لشڪر کي کاڌو خوراڪ پهچائين. جڏهن لشڪر بنيامين واري جِبعت شهر وٽ پهچي، تڏهن بني اسرائيل ۾ جيڪا برائي هنن ڪئي آهي تنهن جو کين پورو پورو بدلو ڏيون.“