Judges 20:22 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن اسرائيل جا ماڻهو پاڻ کي همتائي، جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ هنڌ وري بہ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو بني اسرائيل مقدس هنڌ تي موٽي وڃي شام تائين خداوند جي آڏو رنا. هنن شام جو خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجن هم‌قوم بني بنيامين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري اڳتي وڌون يا نہ؟“ خداوند وراڻين تہ ”ڀلي هنن تي چڙهائي ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو همت ٻڌي جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ ساڳئي هنڌ وري بہ جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا