Judges 20:31 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بني بنيمين انهن تي ڪاهي آيا، ۽ شهر کان پري نڪري ويا؛ ۽ ٻين وقتن وانگر انهن ماڻهن کي شاهي رستن تي، جن مان هڪڙو بيت ايل ڏانهن ٿي ويو، ۽ ٻيو جبعہ ڏانهن، ميدان ۾ شڪست ڏيڻ، ۽ مارڻ شروع ڪيائون؛ ۽ اسرائيل جا اٽڪل ٽيهہ ماڻهو ماري ڇڏيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بني بنيامين هنن تي ڪاهہ ڪري آيا ۽ بني اسرائيل کي ڀڄندو ڏسي سندن پٺيان شهر کان گھڻو پري نڪري آيا. هنن اڳي وانگر بني اسرائيل کي مارڻ شروع ڪيو، ايتري قدر جو بني اسرائيل جا اٽڪل ٽيهہ ماڻهو ميدان ۽ رستن تي ڪيري وڌائون، جن مان هڪ رستو بيتايل ڏانهن ٿي ويو تہ ٻيو جِبعت ڏانهن.