Judges 21:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن جا ابا يا ڀائر اسان وٽ دانهن کڻي ايندا تڏهن اسين هنن کي چونداسين تہ اوهين مهرباني ڪري اُهي اسان کي ڏيو؛ ڇالاءِ جو جنگ ۾ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي لاءِ زال نہ ورتي؛ نڪي اوهان پاڻيهي اُهي اسان کي ڏنيون؛ ائين نہ ڪرڻ ڪري هينئر ڏوهہ اوهان جو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جڏهن انهن جا پيئر يا ڀائر اسان وٽ دانهن کڻي ايندا تڏهن هنن کي چونداسين تہ ’اسان جي خاطر اهي ڇوڪريون کين ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان جون ڇوڪريون جنگ ۾ تہ ڪونہ کنيون آهن، نڪي اوهان پاڻيهي اهي کين ڏنيون آهن، تنهنڪري اوهان واعدي خلافي ڪرڻ جا ڏوهاري نہ آهيو.‘“