Judges 21:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ بني اسرائيل چيو تہ اسرائيل جي سڀني فرقن مان اُهو ڪير آهي جو خداوند جي جماعت ۾ نہ آيو آهي؟ ڇالاءِ جو مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ نہ اچڻ واري جي نسبت ۾ هنن وڏو قسم کنيو هو، ۽ چيو هئائون تہ اهڙو ماڻهو ضرور قتل ڪيو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ دوران بني اسرائيل پنهنجي هم‌قوم بني بنيامين لاءِ هر هر ڏاڍو افسوس ڪندي پئي چيو تہ ”اڄ بني اسرائيل مان هڪ قبيلو ڪٽجي ويو آهي. پر جيڪي باقي بچيا آهن هاڻي تن کي پرڻائڻ جي باري ۾ اسين ڇا ڪريون؟ اسان تہ خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجيون ڌيئرون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين.“ جيئن تہ هنن پڪو قسم کڻي چيو هو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن کي ضرور ماريو ويندو.“