Judges 3:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن انهن کي ارام علائقي جي هڪ بادشاهہ ڪوشن رسعتيم جي هٿ ڏيئي ڇڏيو. سو بني اسرائيل اٺن سالن تائين ڪوشن رسعتيم جي غلامي هيٺ رهيا.