Judges 4:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن حبر جي زال ياعيل تنبوءَ جي هڪڙي ڪلي کنئي، ۽ مترڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي آهستي آهستي هن وٽ ويئي، ۽ اُها ڪلي هن جي لوندڙين ۾ ٺوڪي هنيائين، ۽ اُها آرپار لنگهي وڃي زمين ۾ کُتي؛ ڇالاءِ جو هن کي گهري ننڊ اچي ويئي هئي، تنهنڪري هو بيهوش ٿي مري ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
گھڻي ٿڪاوٽ ڪري جڏهن سيسرا کي گَهري ننڊ اچي ويئي، تڏهن حبر جي زال ياعيل تنبوءَ جي هڪڙي ڪلي ۽ هڪڙو مترڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي آهستي آهستي هن وٽ ويئي ۽ اها ڪلي هن جي لوندڙيءَ ۾ ٺوڪي هنيائين، ايتري قدر جو اها آرپار لنگھي وڃي زمين ۾ کتي ۽ هو مري ويو.