Judges 4:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابي‌نوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ” خداوند ، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.