Judges 6:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ يوآس، جيڪي ماڻهو سندس برخلاف اُٿيا هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهين بعل جي طرفداري ٿا ڪريو ڇا؟ جيڪو انهي جي طرفداري ڪندو سو ڀلي تہ صبح جو ئي قتل ڪيو وڃي: جيڪڏهن هو ڪو خدا آهي تہ پاڻيهي پنهنجي طرفان وڙهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ سندس قربانگاهہ ڊاهي ڇڏي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يوآس پنهنجي خلاف چوڌاري بيٺل ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بعل ديوتا جي طرفداري ٿا ڪريو؟ ڇا اوهين کيس بچائڻ ٿا گھرو؟ جيڪو بہ انهيءَ جي طرفداري ڪندو سو صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ماريو ويندو. جيڪڏهن بعل واقعي خدا آهي تہ پوءِ هو پاڻ پنهنجي طرفان وڙهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا قربان‌گاهہ ڊاهي ويئي آهي سا سندس ئي آهي.“