Judges 7:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن جدعون آيو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائي رهيو هو تہ ڏس، مون هڪڙو خواب لڌو آهي، تہ جوَن جي هڪڙي ماني اوچتو اچي مديانين جي منزلگاهہ ۾ ڪري، ۽ تنبوءَ ۾ اچي انهيءَ کي لڳي، ۽ اُهو ڪري پيو، ۽ اهڙو اونڌو ڪري پيو، جو وڇائجي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن جِدعون اتي پهتو تڏهن هن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائيندي ٻڌو. هن چيو پئي تہ ”مون خواب ۾ ڏٺو تہ جَون جي اٽي مان پڪل هڪڙو ڍوڍو اوچتو اچي اسان مديانين جي خيميگاهہ تي ڪريو ۽ هڪڙي تنبوءَ کي اهڙي تہ زور سان اچي لڳو جو اهو تنبو ڪلٽي کائي ڪري پيو.“