Judges 7:22 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هنن ٽي سؤ قرنائون وڄايون، ۽ خداوند هرهڪ ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ تي، ۽ سڄي لشڪر تي وهارائي: ۽ لشڪر ڀڄي صريرات جي پاسي بيت سط تائين، ۽ ابيل محولہ جي سرحد تي طبات تائين ڀڳو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن جِدعون جي ٽي سؤ ماڻهن نفيلون وڄايون تڏهن خداوند مدياني لشڪر کان پاڻ ۾ هڪٻئي تي تلوار هلرائي. هو اتان صريرات جي پاسي بيت‌سطہ تائين ۽ طبات جي سامهون ابيل‌محولہ جي سرحد تائين ڀڄي ويا.