Judges 7:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن انهن ماڻهن پنهنجو کاڌو، ۽ پنهنجون قرنائون پنهنجن هٿن ۾ کنيون: ۽ باقي اسرائيل کي هن سندس تنبن ڏانهن ڏياري موڪليو، پر اُهي ٽي سؤ ماڻهو پاڻ وٽ رکيائين: مديانين جي منزلگاهہ سندس هيٺان واديءَ ۾ هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جِدعون ٻين سڀني ماڻهن کان سندن سيڌو سامان ۽ نفيلون وٺي کين گھرن ڏانهن روانو ڪيو، پر انهن ٽي سؤ ماڻهن کي پاڻ وٽ رهايائين. مديانين جي خيمي‌گاهہ سندن هيٺان ماٿريءَ ۾ هئي.