Judges 8:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هن انهن کي چيو تہ مون اوهان جي مقابلي ۾ ڇا ڪيو آهي؟ افرائيم جي ڊاک جو چونڊو، ابيعزر جي انگور جي ڪل حاصلات کان بهتر ناهي ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن کين چيو تہ ”اوهان ايڏا تہ وڏا ڪم ڪيا آهن جو انهن جي ڀيٽ ۾ مون ڪجھہ بہ نہ ڪيو آهي. اوهان جي قبيلي افرائيم جا عمل اهڙا تہ اعليٰ آهن جو ڄڻ اوهان جي انگورن جي هڪڙيءَ ول جا داڻا منهنجي گھراڻي ابيعزر جي انگورن جي سڄي فصل کان بهتر آهن.