Judges 8:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن زبح ۽ ضلمنع چيو تہ تون اسان تي ڪاهي اچ: ڇالاءِ تہ جهڙو ماڻهو پاڻ آهي تهڙو سندس زور آهي. تڏهن جدعون اُٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪيائين، ۽ هنن جي اُٺن جي ڪنڌن تي جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا هار هئا سي هٿ ڪيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن زبح ۽ ضلمنع جِدعون کي چيو تہ ”تون پاڻ اسان تي وار ڪر، ڇو تہ مرد ئي مرداڻو ڪم ڪندا آهن.“ تڏهن جِدعون اٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ سندن اٺن جي ڳچين ۾ جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا پنڙا پيل هئا سي لاهي هٿ ڪيائين.